SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nuclear Non Proliferation

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuːkliər
  • nɔnəkseptəns
  • prəlifəreiʃən
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nuclear Non Proliferation

نيوڪليئر نان پروليفيريشن

ائٽمي هٿيارن کي محدود ڪرڻ

هيءُ هڪ مقصد يا نيتي آهي، جنهن ذريعي هٿيارن جي ڦهلاءَ جي واپار ۽ ڊوڙ ۾ شامل ڌُرين وٽ موجود هٿيارن ۽ فني مهارت کي، ٻين مُلڪن تائين پهچائڻ واري عمل کي روڪڻ لاءَ اُپاءُ وٺبا آهن. سرد جنگ دوران هٿيارن جي اهڙي ڦهلاءُ، خاص ڪري نيوڪليائي هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ مُعاهدي (N.P.T) ڪرڻ تي زور ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ طريقي سان ئي دُنيا خوفناڪ هٿيارن جي ڦهلجڻ کان بچي پئي سگهي. پر وقت گُذرڻ ۽ خاص طور نار واري جنگ (1991ع) ۾ محسوس ٿيو، ته دُنيا جي قومن ان معاهدي ڪرڻ کانپوءِ نه رڳو اُن تي عمل نه ڪيو آهي، پر ڪن ٻين رُخن ۾ پيشقدمي به ڪئي ان حوالي ڪيميائي ۽ جراثيمي هٿيار ٺاهڻ جو عمل به شامل آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي، گڏيل قومن طرفان هن سلسلي ۾ مُختلف هٿيارن جي چڪاسڻ (Inspection) جو نظام جوڙيو ويو. عراقي هٿيارن جي چڪاس پُٺيان اهو ئي نظام ڪارفرما آهي. پر 1998ع کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ هندوستان ۽ پاڪستان پاران ڪيل ائٽمي ڌماڪن هٿيارن جي ڦهلاءَ وارين ڪوششن کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. هن وقت دُنيا ۾ فقط ڏکڻ آفريقاواحد مُلڪ آهي، جيڪو ائٽمي هٿيار نه ڦهلائڻ واري معاهدي تي سختيءُ سان عمل ڪري رهيو آهي. هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ وارو ٺاهه 12 جون1968 ۾ وجود ۾ آيو، جنهن تي عمل 5 مارچ 1970ع کان شروع ٿيو.


Related words with: Nuclear Non Proliferation


Remember Me Also:

سد

ث. سِدَ ، سنوت ، سڌائي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal